اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڏکڻ وزيرستان انگور اڏا ۾ دهشتگردن سان ويڙهه ۾ شهيد ??يندڙ برگيڊيئر مصطفيٰ ڪمال برڪيءَ کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته برگيڊيئر مصطفيٰ ڪمال قوم جو هيرو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب شهيد جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف پوري قوم هڪ آهي، پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ آهي. ??ر شڪل ۽ هر ص??رت ۾ موجود دهشتگردي پاڙ کان ختم ڪنداسين. هن چيو ته الله تعالي?? شهيدن کي بلند مقام عط?? فرمائي، گهرڀاتين کي صبر ڏي. اطلاعات واري وزير زخمي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.