اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته عورتن کي برابر حق?? جي فراهمي ۽ خاص طور تي تعليم ۽ صحت جي سهولتن تائين انه?? جي پهچ وڌائڻ معاشري جي ترقي جي لاءِ اهم آهي. عورت?? جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان اڳوڻي سفير نائله چوهاڻ جي پينٽنگ جي نمائش جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ثمينه علوي عورتن کي برابر موقعا فراهمڪري انهن کي بااختيار بڻائڻ تي زور ڏنو ته جيئن انهن کي پنهنجي مڪمل صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ مدد ملي. پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ ”آرٽ فرام دي هارٽ“ جي عنوان سان سولو نمائش ۾ عورت?? جي جدوجهد جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. ثمينه علوي عورتن بابت صحت جي مسئلن بشمول ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ دماغي مرضن بابت بيداري پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. هن ٻڌايو ته ڇاتيءَ جو ڪينسر عورتن ۾ موت جو سڀ کان وڏو سبب آهي. ان کانسواءِ ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي کي مختلف نوعيت جا نفسياتي مسئلا درپيش آهن، ج?? جي اڪثريت عورتن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته صدر ۽ هو پاڻ سماجي شعبي ۾ خاص طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي، عورت?? جي مالي شموليت، خصوصي ماڻهن ۽ دماغي صحت بابت مسئلن ۾ غيرمعمولي ڪم ڪري چڪا آهن. هن چيو ته ايوان صدر پاڪستان ۾ ذهني صحت جي سهولتن تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ جو ڪم پڻ شروع ڪيو آهي ته جيئن سڄي ملڪ ۾ دماغي صحت جي مرض?? جي روڪٿام جي لاءِ گڏيل ڪوشش ڪري سگهجي. هن چيو ته مختلف ڌري?? جي مدد سان طبي مشورا فراهم ڪرڻ جي لاءِ دماغي صحت جي هيلپ لائين ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل چيٽ بوٽس جي شروعات ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هڪ سرڪاري اسپتال ۾ اسڪ??ين??گ سينٽر پاران ڪيل تازي تحقيق سان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته 32 سيڪڙو جواب ڏيندڙن ٻڌايو ته ميڊيا جي ذريعي انهن کي ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ اسڪ??ين??گ بابت معلومات حاصل ڪئي. ثمينه علوي عورتن بابت مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ نائله چوهاڻ جي پينٽ??گز کي ساراهيندي چيو ته آرٽ، سفارتڪاري جو هڪ موثر ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي اڳوڻي سفير نائله چوهاڻ چيو ته ا?? جي پينٽ??گز سماجي ۽ عورت?? جي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جو ذريعو آهن. هن چيو ته عورت?? جي حق?? جي لاءِ ا?? جي مضبوط وڪالت جي اعتراف ۾ يونيسڪو ا?? جي پينٽ??گز جي هڪ سولو نمائش جو انعقاد ڪيو، جيڪا 2002ع کان پيرس ۾ ا?? جي هيڊڪوارٽر ۾ مستقل نمائش جي لاءِ رکي وئي آهي. ڊائريڪٽر جنرل پي اين سي اي ايوب جمالي چيو ته پي اين سي اي ملڪ جي اهم رخن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ڪميونٽي جي شرڪت جي حوصلا افزائي ڪري ٿي. نائله چوهاڻ جي پينٽ??گز جي نمائش 9 مارچ تائين کليل رهندي ۽ ان سان ملندڙ رقم عطيو ڪئي ويندي.