دوحه – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته اسرندڙ ملڪن جي خوشحالي جا قدم دوحه پلان آف ايڪشن تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آه??، اسرندڙ ملڪن جي عوام جي ترقي لاءِ گڏجي قدم کڻڻا پوندا، اسرندڙ ملڪن جي لاءِ قرض جي شرطن کي آسان بڻايو وڃي، عوام کي سماجي تحفظ جي فراهمي ۽ جديد ٽيڪنالاجي تائين آسان پهچ يقيني بڻائي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دوحه ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ اسرندڙ ملڪن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڪانفرنس منعقد ڪرڻ کي خوش آئنده قرار ڏيندي قطر پاران ان ڪانفرنس جي انعقاد کي ساراهيو. هن چيو ته عالمي سطح تي خوشحالي جي لاءِ ترقي يافته ملڪ نجي شعبي ۽ سول سوسائٽي جي گهٽ ترقي يافته ملڪن سان حصيداري نمايان آه??، جتي عالمي مدد جي وڌيڪ ضرورت آه??، اتي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موقعا ڳولڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن ۾ صحت، تعليم ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ وڏي سيڙپڪاري ۽ ايجنڊا 2030ع تي عملدرآمد ۽ پائيدار ترقياتي هدفن کي ح??صل ڪرڻ جي لاءِ وسيلن جي ضرورت آه??. هن چيو ته ڪيترن ئي اسرندڙ ملڪن کي قرضن جي ڪري خطرا درپيش آه??. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ پراڻا خوشگوار لاڳاپا قائم آه??. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن جي پائيدار ترقي جي لاءِ ڪانفرنس جو انعقاد وقت سر آه??. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي اثرن اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ متاثر ڪيو آه??. اسان کي گڏجي اسرندڙ ملڪن جي عوام جي ترقي جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. سڄي دنيا ۾ ماڻهن جي وڏي انگ کي غربت ۽ غذائي کوٽ درپيش آه??. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ان فورم جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. پاڪستان ان فورم سميت سڀني اهم فورمز تي اسرندڙ ملڪن جي آواز کي اجاگر ڪندو رهندو. هن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ ويڪسين جي فراهمي کي تسلسل سان يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسرندڙ ملڪن کي تمام وڌيڪ بار کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آه?? جيڪو تمام ڳڻتي جوڳو آه??. هن تجويز ڏني ته اسرندڙ ملڪن جي لاءِ قرض جي شرطن کي آسان بڻائڻ گهرجي ۽ عوام کي سماجي تحفظ جي فراهمي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن اسرندڙ ملڪن جي جديد ٽيڪنالاجي تائين پهچ آسان بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته ٽيڪنالاجي ۽ علم ترقي ۾اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دوحه پروگرام آف ايڪشن 2031ع کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان دوحه پروگرام آف ايڪشن کي لاڳو ڪرڻ جي ڀرپور حمايت ڪري ٿ?? ۽ ??ن سلسلي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم چيو ته ان پروگرام جا هدف ح??صل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن فيفا مقابلا منعقد ڪرڻ کانپوءِ ڪانفرنس جي شاندار انتظامن تي قطر جي امير کي مبارڪباد ڏني.