اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ڪي?? تحفظ ايڪٽ جي منظوري جي اجازت ڏيندي خاطري ڪرائي آهي ته اعليٰ عدليه ۾ ججن جي مقرري جي حوالي سان ??ڪي?? برادري سان ڀرپور مشاورت ڪئي ويندي، بار ڪائونسل سپ??يم ڪورٽ جي پاڻمرادو ??وٽ??س تي اپيل جي حق جي مطالبي تي بل جو مسودو آڻي، حڪومت سپ??يم ڪورٽ جي پاڻمرادو ??وٽ??س تي حق اپيل جو بل پارليامينٽ ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سڄي ملڪ جي بار ڪائونسلز جي نئين چونڊيل اعليٰ عهديدارن جي وفد جي ملاقات وزيراعظم هائوس ۾ ٿي. اجلاس ۾ وزيراعظم نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ??ڪي??ن ملڪ ۾ قانون جي بالادستي جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي، آئين ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ ??ڪي?? برادري جي بي شمار قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، حڪومت بار جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهي آهي، گذريل حڪومت ملڪ جي هر شعبي کي پنهنجي نااهلي سان نقصان پهچايو، گذريل حڪومت ۾ آئين ۽ قانون جي خلاف ورزيون عروج تي پهتيون. وزيراعظم ??ڪي?? برادري جي جدوجهد کي ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ اهم قرار ڏيندي انهن جي قربانين کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته ??ڪي?? برادري ملڪ ۾ آئين جي تحفظ ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ سائين هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ??ڪي??ن گذريل حڪومت جي هر غيرآئيني قدم جي خلاف موثر طريقي سان آواز اٿاريو جنهن تي اهي داد جا مستحق آهن. وفد وزيراعظم کي پاڪستان بار ڪائونسل، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ڪائونسل ۽ صوبن جي بار ڪائونسلز جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. وزراعظم وفد کي انهن جي سمورن جائز مسئلن جي فوري حل جي خاطري ڪرائي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ، راڻا ثناءُ الله، راڻا تنوير حسين، خاص مددگارن ملڪ احمد خان ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ شرڪت ڪئي.