اسلام آباد-26 جنوري (اي پي پي)وزير اعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت صلاحڪار قمر الزمان قائره چيو آهي ته ڀارت جي هٿ ٺڪي يوم جمهو??يه کي مظلوم ڪشميري عوام ڪاري ڏينهن طور ملهائي رهيو آهي، ڪشمير تي ناجائز قبضن باوجود پاڻ کي جمهوري ملڪ سڏائڻ ڀارت لاءِ شرم جوڳو آهي، ڀارت يوم جمهو??يه جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ قمر زمان قائره چيو آهي ته هڪ پاسي ڀارت يوم جمهو??يه ملهائي رهيو آهي ته ٻئي پاسي ڪشميري عوام کي بنيادي حقن کان محروم رکيو آهي، هن چيو ته ڀارت سڄي دنيا اڳيان هڪ هندو فاشٽ ملڪ ط??ر بي نقاب ٿي چڪو آهي ، پرڏيهي وزير بلا ول ڀٽو زرداري مودي جي هندو انتها پسند حڪومت کي سڄي دنيا اڳيان بي نقاب ڪيو آهي، ڀارت ۾ هندو انتها پسندي ۽ اقليتن تي ظلم آخري حد تي پهچي چڪا آهن.