اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??يٽ?? جي گري لسٽ مان پاڪستان جي نڪرڻ تي عوام ۽ اتحادي پارٽين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته اڄ پاڪستان کي ٻه خوشخبريون گڏ مليون آه??، اڳ ۾ نواز شريف جي حڪومت، هاڻي شهباز شريف جي اتحادي حڪ??مت جي محنت سان پاڪستان ??يٽ?? جي گري لسٽ مان نڪري ويو آه??، الحمدالله. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ن) اڳ ۾ به ملڪ کي ??يٽ?? مان ڪڍيو هو، اڄ ٻيهر پاڪستان کي عزت ملي، اتحادي حڪ??مت ۾ شامل سڀ پارٽيون ۽ اڳواڻ مبارڪباد جا مستحق آه??. هن چيو ته مخالف ڌر ۾ هجون يا حڪ??مت اتحادي پارٽين جي ترجيح پاڪستان جو مفاد ۽ عزت رهي آه??. وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خاص طور تي مبارڪباد جا مستحق آه??، ڇهن مهينن ۾ اهو ڪم ٿي ويو جيڪو گذريل چار سال ۾ نه ٿي سگهيو. هن ادارن، وزارتن جي لاڳاپيل عملدارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انهن جي مسلسل محنت جو ثمر اڄ جي ڪاميابي جي صورت ۾ قوم کي مليو آه??.