اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن (سيڪا) بابت ڪانفرنس جي ٻن ڏينهن واري ڇهين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم 13 آڪٽوبر تي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي اهم خطاب ڪندو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم شه??از شريف قزاخستان جي گادي واري شه?? آستانه ۾ ”ايشيا رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن“ (سيڪا) بابت ڪانفرنس جي ٻن ڏينهن واري (12 ۽ 13 آڪٽوبر) تي ٿيندڙ ڇهين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ڪابينا ميمبر ۽ اع??يٰ عملدار پڻ ساڻس گڏ هوندا. وزيراعظم 13 آڪٽوبر تي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي اهم خطاب ڪندو. هو پنهنجي خطاب ۾ ايشيائي ملڪن کي درپيش گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، ٺاهن ۽ ??عا??ن جي فروغ جي لاءِ سيڪا جي منفرد فورم طور اهميت اجاگر ڪندو. وزيراعظم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پڻ اجاگر ڪندو. سربراهه اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم سيڪا جي ميمبر ملڪن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو جن جو مقصد خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ وسيع ??عا??ن کي فروغ ڏيڻ آهي. سيڪا سڄي ايشيا جي 27 ملڪن تي ٻڌل بين الحڪومتي فورم آهي جيڪو 1992ع ۾ قائم ڪيو ويو. ان ۾ ننڍي کنڊ ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي جي فروغ تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو. سيڪا ڳالهه ٻولهه ۽ ??عا??ن جي ذريعي علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قابل قدر فورم آهي. هي فورم وڏن شعبن ۾ اعتمادسازي جي قدمن کي فروغ ڏي ٿو جنهن ۾ معاشي رخ، ماحولياتي رخ، انساني رخ، نئين چئلينجز ۽ خطرن ۽ فوجي ۽ سياسي رخ شامل آهن. سيڪا جي منشور ۽ هدفن جي ڏس ۾ وزيراعظم جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت مان اهو واضح ٿئي ٿو ته پاڪستان ايشيا ۾ رابطن ۽ معاشي ??عا??ن جي فروغ کي انتهائي اهميت ڏي ٿو.