اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي ڪابينا جي ??يمبر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته پاڪستان کي عام حالتن جي تناسب کان وڌيڪ ٻوڏ درپيش آهي جيڪو موسمياتي طور تي پيدا ٿيندڙ قدرتي آفت جو خوفناڪ مظهر آهي. هن حڪومت پاران گڏيل قومن جي ادارن، عالمي برادري ۽ انساني همدردي جي تنظيمن سان گڏجي سڄي ملڪ ۾ 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ متاثرين تائين پهچڻ جي ??اءِ وڏي پئماني تي ڪئي و??ندڙ امدادي ڪاررواين جو خاڪو پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته سيڪريٽري جنرل گوتريس جو پاڪستان جو دورو هن نازڪ وقت ۾ پاڪستاني عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار آهي. وزيراعظم پاڪستان جي ??لڊ ريسپانس پلان جي ??نڊنگ جي ??اءِ گڏيل قومن جي 160 ملين ڊالر جي ”فليش اپيل“ سميت عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ جي ??اءِ سيڪريٽري جنرل جي ڀرپور حمايت ۽ وڪالت کي ساراهيو. هن سيڪريٽري جنرل پاران انهن ٻوڏن جي ??وسمياتي تبديلي جي اثرن سان تعلق کي اجاگر ڪرڻ جي ??يغام کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سيڪريٽري جنرل جي ??يادت ۽ وقت سر مداخلت تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ سنگين چئلينجن تي عالمي سطح تي آگاهي ۾ مدد ڏني. وزيراعظم ياد ڏياريو ته عالمي ڪاربن جي ??ڪ سيڪڙو کان به گهٽ اخراج سان پاڪستان عالمي حدت جي ??اءِ سڀ کان گهٽ ذميوارن ۾ شامل آهي. ان جي باوجود هي موسمياتي تبدي??ي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ٽاپ ٽين ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي انصاف جي جذبي تحت پاڪستان عالمي برادري خاص طور تي صنعتي ملڪن پاران ان موسمياتي آفت کي منهن ڏيڻ ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ??اءِ تعاون جو حقدار آهي. ٻنهي اڳواڻن ٻوڏ کان متاثر آبادي جي بحالي جي ??رحلي ۽ ٻوڏ سان تباهه ٿيندڙ علائقن جي ??ئين سر تعمير جي ??اءِ پاڪستان جي ??نصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي و?? ڪئي. وزيراعظم گڏيل قومن جي ??ظام ۽ ٻين عالمي حصيدارن جي ??ناسب مدد سان موافقت ۽ تخفيف جي ??ختلف منصوبن سميت مستقبل ۾ موسمياتي خطرن جي خلاف لچڪ پيدا ڪرڻ جي ??اڪستان جي عزم کي ورجايو. پاڪستان سان پنهنجي ڊگهي وابستگي کي ياد ڪندي سيڪريٽري جنرل پاڪستاني عوام جي ??اءِ پنهنجي بي پناهه جذبن جو اظهار ۽ تعريف ڪندي چيو ته هو پاڪستاني عوام جي سخاوت سان گڏوگڏ پنهنجي ??اڪستاني رهواسين جي ??دد ڪرڻ ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين لکين افغان پناهگيرن جي ??يزباني ۾ انهن جي ??راخدلي جو گواهه آهي. هن چيو ته هو ٻوڏ جي ??ڏي پئماني تي تباهي ۽ ان جي اثرن کان پريشان آهي. هن عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ سميت پاڪستان کي مڪمل حمايت ۽ عزم جو يقين ڏياريو. سيڪريٽري جنرل ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هي رڳو يڪجهتي جو نه پر انصاف جو سوال آهي. هن چيو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ??اءِ گهربل وڏي پئماني تي تعاون کانسواءِ موسمياتي تبديلي جي ??سئلي کي جلد، سنجيدگي ۽ ذميوارين سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن جا هو مستحق آهن. سيڪريٽري جنرل گوتريس ملڪ ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ جي ڏس ۾ يڪجهتي جي ??اءِ پاڪستان جي ??ن ڏينهن جي دوري تي آهي. وزيراعظم ۽ سيڪريٽري جنرل بعد ۾ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر ۾ بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي. سيڪريٽري جنرل پنهنجي دوري دوران ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن جو دورو پڻ ڪندو.