اسلام آباد / حافظ آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته وزيراعظ?? عمران خان آچر تي حافظ آباد ۾ تاريخي عوامي جلسي کي خطاب ڪندو، وزيراعظ?? عمران خان آچر ڏينهن حافظ آباد جو دورو ڪندو ۽ حافظ آباد ۾ سڀ کان وڏي عوامي ميڙ کي خطاب پڻ ڪندو. حافظ آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حافظ آباد ۾ هڪ يونيورسٽي ۽ اسپتال قائم ڪئي ويندي. ان کانسواءِ حافظ آباد ضلعي ۾ اربين رپين جي ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آه??. مخالف ڌر تي تنقيد ڪندي هن چيو ته مافيا پاڪستان جو هر هڪ ادارو کوکلو ڪري ڇڏيو آه??. هن چيو ته ماضي جي حڪمرانن ٻاهرئين ملڪ اربين رپين جون پراپرٽيون ٺاهيون. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري پنهنجي غيرقانوني دولت کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آه??. هن چيو ته ماضي جو حڪمران طبقو قومي مفادن تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيندو رهيو آه?? ۽ هر شخص ڄاڻي ٿو ته ميمو گيٽس اسڪينڊل ۾ آصف علي زرداري ڪهڙي ملڪ کان مدد طلب ڪئي هئي. مملڪتي وزير چيو ته بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ چاهي ٿي. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان تيزي سان ترقي جي رستي تي گامزن هو پر مخالف ڌر کي ملڪ جي اها ترقي هضم نه ٿي. هن چيو ته ڪنهن کي به ملڪ ۾ بدامني پکيڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظ?? عمران خان قومي دولت چوري ڪري ملڪيتون ٺاهڻ جي لاءِ اقتدار ۾ نه آيو هو. هن چيو ته ماضي ۾ پاڪستان ۾ 400 ڊرون حملا ڪيا ويا جڏهن ته وزيراعظ?? عمران خان قوم کي ڪنهن جي آڏو جهڪڻ جي اجازت نه ڏني آه??. هن چيو ته اسان سمورن ملڪن سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آه??ون پر قومي وقار تي ٺاهه نه ڪنداسين. مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر غلاماڻو ذهن رکندڙ آه?? جيڪا عالمي برادري آڏو ڳالهائي به نه ٿي سگهي. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته وزيراعظ?? عمران خان پوري دنيا ۾ بهادري سان پاڪستان ج?? عزت ۽ احترام ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آه??. هن چيو ته هن وقت پوري دنيا ک?? ناڻي واڌ درپيش آه??. تيل جي عالمي قيمتن ۾ اضافي جي باوجود حڪومت پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون گهٽ ڪيون آه??. فرخ حبيب چيو ته مختلف معاشي مسئلن تي ضابطو آڻي ملڪ صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آه?? جن بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي آه?? اهي سمورا بدعنوان آه??.