اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پر??يهي سيڪريٽري سهيل محمود چيو ??هي ته 48 هين پر??يهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس مسلمان امت جي مسئلن تي او آءِ سي جي موقف ۽ اسلامي يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي غرض سان پاڪستان جي فعال ڪردار کي اجاگر ڪندو. پر??يهي آفيس جي ترجمان موجب پر??يهي سيڪريٽري سهيل محمود اسلام آباد ۾ رهندڙ او آءِ سي مشنز جي سربراهن سان ملاقات ڪئي ۽ کين 22- 23 مارچ 2022ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پر??يهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي غرض سان جاري تيارين کان آگاهه ڪيو. ڊسمبر 2021ع ۾ او آءِ سي پر??يهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس کي ڪاميابي سان همڪنار ڪرڻ ۾ او آءِ سي مشنز جي اهم ڪردار کي ساراهيندي پر??يهي سيڪريٽري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 48 هون اجلاس خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ڇو ته اهو پاڪستان جي آزادي جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد ٿي رهيو ??هي، هن وڌيڪ چيو ??ه پاڪستاني عوام ان پُرمسرت موقعي تي معزز مهمانن جي استقبال جي م??تظ?? آهي. پر??يهي سيڪريٽري چيو ??ه 48 هين سيشن جو موضوع ”اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لا??ِ حصيداري“ امت جي اندر اتحاد ۽ او آءِ سي ميمبر ملڪن جي لا??ِ جامع ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جي عڪاس آهي. افغانستان ۾ انساني صورتحال جي حوالي سان او آءِ سي پر??يهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس ۾ افغانستان جي لا??ِ او آءِ سي جي قيادت هيٺ هيومينٽيرين ٽرسٽ فنڊ قائم ڪرڻ، او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي خصوصي ايلچي جي مقرري ۽ ان آءِ سي مشن کي مضبوط ڪرڻ جي معاهدي تي اتفاق ڪرڻ جي فيصلن کي ياد ڪندي، پر??يهي سيڪريٽري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 48 هون اجلاس ان قرارداد جي منظوري کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جو قيمتي موقعو فراهم ڪندو. انساني همدردي تحت قائم ٽرسٽ فنڊ کي هلائڻ لا??ِ اسلامي ترقياتي بئنڪ پاران ڪم جي آجيان ڪندي، پر??يهي سيڪريٽري ميمبر ملڪن ۽ افغانستان جي عالمي حصيدارن پاران ٽرسٽ فنڊ لا??ِ ٺوس واعدن تي عملدرآمد جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. او آءِ سي مشنز جي سربراهن کي 22 -23 مارچ 2022ع تي منعقد پر??يهي وزيرن جي ڪائونسل پروگرام تي بريفنگ ۽ ا??تظ??مي ا??تظ??من جا تفصيل فراهم ڪيا ويا، پر??يهي سيڪريٽري چيو ??ه وفدن جي سمورن سربراهن کي 23 مارچ 2022ع تي روايتي ”يوم پاڪستان“ پريڊ ۾ خصوصي مهمان طور دعوت ڏني ويندي. 48 هين پر??يهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس مسلمان امت جي مسئلن تي او آءِ سي جي موقف ۽ اسلامي يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي غرض سان پاڪستان جي فعال ڪردار کي اجاگر ڪندو.