اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب نجي ٽي وي چينل جي سينيئر پروڊيوسر اطهر مت??ن جي مارجي وڃڻ جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي بيان ۾ سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ?? تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته دعا آهي ته ا??له تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي، هن چيو ته مون ک?? ان افسوسناڪ واقعي ۾ اطهر مت??ن جي مارجڻ تي دلي صدمو ۽ ڏک ٿيو آهي، اسان جون سموريون همدرديون پونئيرن سان گڏ آهن. سماءَ نيوز جو سينيئر پروڊيوسر اطهر مت??ن ڪراچي ۾ ڦورن جي فائرنگ سبب مارجي ويو آهي.