چنيوٽ – 09 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم نواز جي ميڊيا پرسنز جي حوالي سا?? نئين آڊيو ليڪ سا?? (ن) ليگ جي آمراڻي ذهنيت کلي سا??هون اچي وئي آهي، اهي چاهين ٿا ته ميڊيا ۽ ادارن ۾ انهن جا ئي نمائندا هجن، اسان جو سڄو پئسو ۽ رڪارڊ ??اف ۽ شفاف آهي، اسان جي پارٽي جا بئنڪ اڪائونٽس آهن، پيپلزپارٽي جا ته کوهه کاتا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چنيوٽ ۾ صحافين سا?? ڳالهائيندي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته اسان جو سڄو پئسو ۽ رڪارڊ ??اف ۽ شفاف آهي، وزيراعظم عمران خان اهو واحد حڪمران آهي جيڪو هڪ هڪ پئسي جو حساب ڏئي آيو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي اسان 60 کان وڌيڪ ثبوت فراهم ڪيا ۽ پي ٽي آءِ پنهنجي سمورن اڪائونٽس جو مڪمل رڪارڊ فراهم ڪيو ۽ سر??رو ٿي نڪتا آهيون جيڪو تاريخ جو حصو آهي. فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي پاپڙا واري ۽ فالودي وارن جي اڪائونٽس جو هڪ ڊگهو داستان آهي. هن چيو ته شريف خاندان جو اهو الميو رهيو آهي ته اهي ادارن تي پنهنجو ڌوئنس ويهاريندا رهيا، شريف خاندان کي عدليه ۾ به پنهنجا ئي ججز گهرجن، ميڊيا پرسنز جي حوالي سا?? مريم صفدر جي نئين آڊيو سا?? انهن جي آمراڻي ذهنيت کلي سا??هون اچي وئي آهي.