اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فراڊ کان متاثر شهري کي 8 لک رپين جي گم ٿيل رقم واپس ڪرڻ جو حڪم برقرار رکندي وفاقي بئنڪنگ محتسب جي ??يصلي جي خلاف سونيري بئنڪ جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ بئنڪ کي فراڊ کان متاثر شهري کي ان جي گم ٿيل رقم ڪنهن دير کانسواءِ فوري طور تي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آ??ي. ??در ان ڏس ۾ جاري پنهنجي ??يصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته ان ڪيس ۾ جيئن ته بئنڪ انتظاميا پاران بدانتظامي ۽ بي ضابطگي ثابت ٿي آ??ي. ??ڏهن ??ه بئنڪنگ محتسب پاران پڻ بئنڪ کي فراڊ جي ان شڪايت تي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو ويو. تفصيل موجب شڪايت ڪندڙ محمد دانش نسيم 22-10-2018 تي سونيري بئنڪ جي سرگوڌا روڊ شيخوپوره برانچ ۾ اڪائوٽ کوليو ۽ ان وقت بئنڪ مئنيجر کي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرڻ جي ??اءِ 20 لک رپيا يعني 2 ملين رپيا ڏنا جڏهن ??ه بئنڪ مئنيجر 20 لک جي ??ڪ رسيد ڏيڻ بدران 5، 6 ۽ 9 لک جون ٽي جدا جدا رسيدون ڏئي ڇڏيون. شڪايت ڪندڙ يعني اڪائونٽ هولڊر 20 لک رپين جي ??ڪ ئي سيد ڏيڻ تي اصرار ڪيو هو. بعد ۾ جڏهن ??ڪايت ڪندڙ بئنڪ مان پنهنجي رقم ڪڍرائڻ چاهي ته ان کي ٻڌايو ويو ته اڪائونٽ ۾ گهربل رقم موجود نه آهي جنهن ??ي شڪايت ڪندڙ اڪائونٽ هولڊر بئنڪ جي ??اڳاکيل اعليٰ عملدارن کي 20 لک جي جمع ڪرايل رقم جي رسيدن سان گڏ درخواستون ڏنيون جڏهن ??ه ڪا شنوائي نه ٿي جنهن ??ي رقم واپس نه ملڻ تي شهري وفاقي بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو جنهن ??ي ڪارروائي دوران ثابت ٿيو ته جمع ڪرايل رقم جون رسيدون بلڪل صحيح ۽ اصلي آهن ۽ ان تي ان وقت جي اڳوڻي مئنيجر جون صحيحون ۽ اسٽيمپ به اصلي آهن. وفاقي بئنڪنگ محتسب فراڊ ثابت ٿيڻ تي سونيري بئنڪ کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. سونيري بئنڪ وفاقي بئنڪنگ محتسب جي ??يصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي جڏهن ??ه صدر وفاقي بئنڪنگ محتسب جي ??يصلي کي برقرار رکيو ۽ بئنڪنگ کي فراڊ کان متاثر شهري کي ان جي گم ٿيل رقم وڌيڪ ڪنهن دير کانسواءِ فوري طور تي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آ??ي. ??در پنهنجي ??يصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته قانون تحت بئنڪنگ محتسب بئنڪن جي بدانتظامي، بي ضابطگين ۽ عملدارن جي بدعنواني ۾ جاچ ڪر?? ۽ ??ڪم جاري ڪرڻ جو مجاز آهي.