اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وبا دوران آن لائن فاصلاتي تعليم جي اهميت تمام گهڻي وڌي وئي آهي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جديد دور جي بدلجندڙ ضرورتن ۽ عالمي ??عي??ر موجب فاصلاتي تعليمي پاليسي وڌيڪ بهتر بڻائيندي. فاصلاتي تعليم جي پروگرام کي مرڪزي تعليمي نظام جو ح??و بڻائڻ جي ضرورت آهي.
ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران آن لائن فاصلاتي تعليمي پاليسي تي بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته آن لائن فاصلاتي ڪورسز جو مواد مارڪيٽ جي ضرورتن موجب جوڙڻ گهرجي. ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگردن جو تعداد وڌائڻ جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي ورچوئل يونيو??سٽ?? جي آن لائن ۽ فاصلاتي تعليم جي پروگرامن جي واکاڻ ڪندي چيو ته تعليم پرائيندڙ شاگردن جي تعداد ۾ اضافي لاءِ ورچوئل يونيو??سٽ?? جهڙن ادارن جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي،
صدر کي ايڇ اي سي پاران بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته آن لائن فاصلاتي تعليمي پاليسي جو بنيادي مقصد قاعدن، هدايتن ۽ گهٽ کان گهٽ ??عي??ر جو تعين ڪرڻ آهي جڏهن ته آن لائين فاصلاتي تعليمي پاليسي تحت يونيو??سٽ??ن کي آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم جي اجازت ڏني ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاليسي جو مقصد تعليم جو ??عي??ر برقرار رکڻ لاءِ هڪجهڙي امتحاني نظام قائم ڪرڻ آهي، پاليسي پبلڪ ۽ پرائيويٽ يونيو??سٽ??ن جي فاصلاتي تعليم ۽ اي لرننگ جي ماهرن سان مشاورت کانپوءِ ٺاهي وئي آهي.