اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) عورتن جي تعليم جي ??روغ جي ??اءِ 2 ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس ڇنڇر 11 جنوري کان شروع ٿيندي. ”مسلمان معاشرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي عنوان سان ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ 23 کان وڌيڪ ملڪن جا نمائندا، تعليمي ماهرن، وزير ۽ اسڪول?? جا نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. پاڪستان ۾ عورتن جي تعليم جي حوالي سان چئلينجن کي منهن ??يڻ جي ??اءِ عالمي برادري کي ڪانفرنس ۾ گهرايو ويو آهي. ڪانفرنس ۾ عورتن جي تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي ??اءِ اسلامي ملڪن جا نمائندا پ?? شرڪت ڪري رهيا آهن. اها ڪانفرنس پاڪستان جي ??اءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. ان ڪانفرنس ۾ مسلمان ۽ دوست ملڪن جي ??زيرن، سفيرن، تعليمي ماهرن ۽ اسڪالرز سميت 150 کان وڌيڪ عالمي ناليواريون شخصيتون شرڪت ڪنديون. گڏيل قومن جي ذيلي اداري يونيسڪو، يونيسيف ۽ عالمي بئنڪ سميت مختلف عالمي تنظيمن جا نمائندا پڻ موجود هوندا. مقررين ۽ پينلسٽ پنهنجا ڪامياب تجربا شرڪت ڪندڙن سان شيئر ڪندا ۽ تعليم ۾ برابري جي ??روغ جي ??اءِ جديد طريقا پيش ڪندا. ڪانفرنس جي ??ڄاڻي تي ”اسلام آباد پڌرنامي“ تي باضابطا صحيحون ڪيون وينديون جيڪو مسلمان معاشري جي ڇوڪرين کي تعليم جي ذريعي بااختيار بڻائڻ جي گڏيل عزم جو خاڪو پيش ڪندو جنهن سان جامع ۽ پائيدار تعليمي سڌارن سان گڏوگڏ ايندڙ نسلن جي ??اءِ روشن مستقبل جي راهه هموار ٿيندي.