اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مسلم دنيا جي عظيم اڳواڻ، اوڀر جي نياڻي ۽ اڳوڻي وز??راعظم شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي 17هين ورسيءَ جي موقعي تي چيو آهي ته اڄ اسان شهيد محترمه جي 17هين ورسي تي سندس قربانين کي ??راجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا، شهيد محترمه نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ جمهوريت، مساوات ۽ انساني حقن لاءِ هڪ نئون مثال قائم ڪيو، سندس سياسي جدوجهد ۽ اصولن تي ِٻَڌل قيادت پاڪستان جي عوام لاءِ هميشه مشعلِ راهه رهندي. ان موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته شهيد محترمه پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ان عزم کي مضبوط ڪيو ته جمهوريت ئي اسان جي ترقي جو واحد رستو آهي. سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته محترم بينظير ڀٽو هر قسم جي ڏاڍ ۽ آمريت جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ عوام جي فلاح ۽ ڀلائيءَ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي، هوءَ عورتن جي حقن، تعليم، صحت ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ سرگرم رهي ۽ پنهنجي قيادت ذريعي نوجوان نسل کي ??هو درس ??نو ته قومي اتحاد ۽ حب الوطني سان هر چئلينج جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو، سندس بصيرت ۽ جرئت اڄ به اسا?? کي متحد ۽ منظم رهڻ جو سبق ڏئي ٿي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان کي ??ن ڏينهن جي موقعي تي هي عهد ڪرڻو آهي ته شهيد محترمه جي خواب کي ??قيقت ۾ بدلائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين، پ??ڪستا?? کي هڪ ترقي يافته، خوشحال ۽ جمهوري رياست بڻائڻ لاءِ سندس مشن کي ??اري رکنداسين. سينٽ چيئرمين چيو ته اسان شهيد محترمه کي ??لام پيش ڪريون ٿا ۽ سندس ڏنل قرباني کي ڪڏهن به نه وِسارينداسين.