اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام کي قومي ڏينهن جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ صحت، تعليم ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ گڏيل عرب امارات اهم ڪردار ??دا ڪيو آهي، پاڪستان يو اي اي جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي حمايت ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي قومي ڏينهن جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صدر آصف عل?? زرداري پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام کي قومي ڏينهن جي مبارڪباد ڏيان ٿو، گڏيل عرب امارات خوشحالي ۽ ترقي جو مثال قائم ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ۾ صحت، تعليم ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ يو اي اي اهم ڪردار ??دا ڪيو آهي، گڏيل عرب امارات سدائين پاڪستان سان تعاون ڪيو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي حمايت ڪندو، آءِ ايم ايف پروگرام ۾ يو اي اي جي تعاون تي ٿورائتا آهيون، يو اي اي جي تعاون کانسواءِ آءِ ايم ايف پروگر??م ممڪن نه هو. هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ ويزا جي بحالي پاڪستانين سان محبت جي عڪاس آهي. اي پي پي/ع – ک 22:43