راولپنڊي-13 ڊسمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فو??سز بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي مختلف علائقن ۾ 5 ڏينهن دوران دهشتگردن خلاف آپريشنز ۾ 43 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب 9 ڊسمبر 2024ع کان ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فو??سز جي وڏي پيماني تي ڳجهي اطلاع ??ي بنياد تي ڪاررواين دوران 43 دهشتگرد مارجي ويا، جنهن سان بلوچستان ۾ فتنه الخوارج ۽ ٻين دهشتگرد گروهن کي وڏو نقصان پهتو. 12 ۽ 13 ڊسمبر جي وچ واري رات سيڪيورٽي فو??سز لڪي مروت ۾ هڪ ڳجهي اطلاع ??ي بنياد تي آپريشن ڪيو، جنهن ۾ فو??سز خوارج جي ٺڪاڻن ک?? نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 خوارجي مارجي ويا. 9 ڊسمبر 2024ع کان ه?? وقت تائين ڪي پي ڪي ۾ 18 خوارج ماريا ويا ??هن. بلوچستان ۾ 13 ڊسمبر تي موسيٰ خيل ۽ پنجگور ضلعن ۾ ٻن ڌار ڳجهن اطلاعن تي آپريشنز دوران سيڪيورٽي فو??سز شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 10 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. 9 ڊسمبر کان ه?? وقت تائين بلوچستان ۾ 25 دهشتگرد مارجي چڪا ??هن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اهي آپريشنز ا?? وقت تائين جاري رهندا جيستائين علائقي ۾ مڪمل امن بحال نٿو ٿئي ۽ خوارجين جو مڪمل خاتمو نٿو ٿئي. پاڪستان جي سيڪيورٽي فو??سز دهشتگرديءَ جي ناسور کي پاڙؤن پٽي اُڇلائڻ لاءِ پُرعزم آهي.