اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان چي?? آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته انساني حقن جي عالمي منشور کي اختيار ڪ??ڻ جا 77 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي ??ي اسان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪ??يون ٿا جيڪي ڀارتي قابض فوج جي هٿان وڏي پئماني ??ي انساني حقن جي خلاف ورزين جو شڪار آهن. هن چيو ته انساني حقن جي ڏينهن جي لاءِ هن سال جو موضوع ”اسان جا حق، اسان جو مستقبل، ??اڻي“ خاص طور تي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي لاءِ موزون آهي. هن چيو ته اسان ڀارت تي زور ڀريون ٿا ته هو ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادين کي دٻائڻ بند ڪري ته جيئن اهي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪري سگهن.