اسلام آباد – 26 – نومبر (??ي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته انتشارين جو مقصد لاش ڪيرائي انهن تي سياست ڪرڻ آهي، رياست تحمل جو مظاهرو ڪري رهي آهي، اسا?? جي صبر جو ??متحان نه ورتو وڃي، اهي بيلاروس جي صدر جي دوري کي سبوتاز ڪرڻ چاهين ٿا، بشريٰ بي بي لاش ڪيرائڻ جي منصوبابندي ڪري آئي آهي، پوليس ۽ رينجرز جي شهيدن جو ??ت ڪنه?? جي هٿ تي ڳوليون؟ رياست فسادين ۽ انتشارين جو ڪو مقصد پورو ٿيڻ نه ڏيندي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بشريٰ بي بي لاش ڪيرائڻ جي منصوبابندي ڪري آئي آهي، هو پاڻ اڃا تائين ڪٿي لڪل آهي ۽ ڏهاڙي جي مزدورن ۽ ٻارن کي آڻي اڳيان بيهاريو ويو آهي، اهي غريب?? جي ٻارن کي ٻارڻ بڻائڻ چاهين ٿا جيڪو انتهائي بزدلاڻو فعل آهي. وفاقي وزير چيو ته بيلاروس جو ??در پاڪستا?? جي دوري تي آهي، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ معاهدا ٿي رهيا آهن، بزنس ڪانفرنس هلي رهي آهي جڏهن ته ٻئي طرف تحريڪ انتشار ا?? جي دوري کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. تحريڪ انتشار 9 مئي جا مقصد ٻيهر حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، هي چاهين ٿا ته ملڪ ۾ رتوڇاڻ ٿئي ۽ ٻيهر اهي لاشن تي سياست ڪن، انهن جو مقصد پورو ٿيڻ نه ڏينداسين. وفاقي وزير چيو ته رينجرز جا جوان شهيد ٿيا، پوليس اهلڪار مبشر کي شهيد ڪيو ويو، انهن جو ??ت ڪنه?? جي هٿ تي ڳوليون؟ هن چيو ته جڏهن به ڪنهن دوست ملڪ جو ??ورو هوندو آهي ته انهن کي ڌرڻو ڇو ياد اچي ويندو آهي؟ هي ڌرڻي جي لاءِ انهي جڳهه جي چونڊ ڇو ڪندا آهن؟ ا?? جي لاءِ ته هي ملڪ دشمن آهن ۽ ملڪ ۾ انارڪي ڦهلائڻ چاهين ٿا جنه?? جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته اسان پاڪستان تي جان به قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، اسان ڪڏهن به ناهي چيو ته فلاڻو نه آهي ته پاڪستان نه آهي، هي چاهين ٿا ته پوري ملڪ ۾ انتشار پکڙجي. هن چيو ته پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان مان ڪير انه?? جي احتجاج ۾ ناهي نڪتو، گرفتار ڪارڪنن چيو ته اسان کي پئسا ڏئي آندو ويو آهي، پي ٽي آءِ قيادت پنهنجي ٻارن کي ٻاهران آڻي ۽ فرنٽ لائين تي بيهاري، هي پاڻ ڊي چوڪ تي ڇو نه پهتا؟ وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انتشار جي پوري قيادت جو مقصد هڪ ئي آهي ته ڪهڙي طريقي سان هتي لاش ڪيرايا وڃن ۽ لاشن تي سياست ڪئي وڃي جيڪو ڪڏهن به پورو ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته اسان کي پاڪستان جو مفاد عزيز آهي، اڄ معيشت ترقي ڪري رهي آهي، ??سٽ??ڪ مارڪيٽ اڳتي وڃي رهي آهي. پي ٽي آءِ واحد سياسي پارٽي آهي جيڪا ملڪي ترقي روڪڻ چاهي ٿي، انهن جو ??حتجاج سدائين افغاني ليڊر ڪندا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهي منافقت، انتشار، تشدد جي سياست ڪري سياسي پوائنٽ اسڪورنگ چاهين ٿا، اسا?? جي جوانن جو مورال بلند آهي، اهي امن کي برقرار رکڻ ڄاڻين ٿا، ا?? جي لاءِ اسا?? جي صبر جو ??متحان نه وٺن. هن چيو ته پي ٽي آءِ قيادت ڪرائي جي ماڻه?? جي پٺيان لڪي رهي آهي، همت آهي ته پاڻ اڳيان اچن. هن چيو ته ملڪ کي ڊيل ريل ڪرڻ، انتشار ڦهلائڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي، اڃا به وقت آهي مُڙي وڃن ۽ منتشر ٿي وڃن، رياست جي صبر جو ??متحان نه وٺن.