باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ 29) جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلا?? جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون ڪيون آهن. وزيراعطم آفي?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ٿ?? جنه?? ۾ ??اڪستان – گڏيل عرب امارات جي و?? ۾ ??وسمياتي تبديلي جي حوالي سان تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جي ت??ڪي?? جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ت??ڪي?? جي خاتون اول امينه اردوان سان پڻ ملاقات ٿ?? جنهن ۾ ت??ڪي?? پاڪستان جي ماحولياتي آلودگي ۽ موسمياتي تبديلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم جي ان موقعي تي عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون پڻ ٿيون. وزيراعظم جي برطانيا جي وزيراعظم سرڪيئر اسٽارمر سان پڻ ملاقات ٿ?? جنه?? ۾ ??نهي اڳواڻن پاڪستان برطانيا تعاون جي فروغ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم جي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ۾ وچ ايشيائي ملڪن ۽ پاڪستان ۾ گليشيئرز ۽ پاڻي وسيلن جي تحفظ تي ڳالهه ٻولهه سان گڏوگڏ پاڪستان جي تاجڪستان ۽ ازبڪستان سان مواصلاتي رابطن کي وسعت ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نيپال جي صدر رام چندر پائوڊيل ۽ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس سان وزيراعظم جي ملاقات ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ وڌندڙ گرمي پد، بلند ٿيندڙ سامونڊي سطح جي خطرن ۽ ٻيلن جي تحفظ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کانسواءِ بنگلاديش ۽ نيپال س??ن پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جي قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايف سان پڻ ملاقات ٿ?? جنه?? ۾ ??اڪستان قازقستان لاڳاپن جي فروغ ۽ علائقائي رابط?? ۾ ??سعت جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف باڪو، آذربائيجان ۾ ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ 29) جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلا?? جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتو جتي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلا?? جي گروپ فوٽو ۾ پڻ شريڪ ٿيڻ سان گڏوگڏ اجلا?? جي افتتاحي تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيو جنهن ۾ آذربائيجان جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل خطاب ڪيو. وزيراعظم باڪو ۾ منعقد ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان کي موسمياتي تبديلي سان درپيش خطرن تي روشني وجهندو. وزيراعظم اهڙن اسرندڙ ملڪن خاص طور تي پاڪستان جيڪي هر سال موسمياتي تبديلي جي ڪري قدرتي آفتن جي ور چڙهي جاني ۽ مالي نقصان کڻن ٿا، جي لاءِ آواز بلند ڪندو. وزيراعظم ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ ٻوڏ جي تباهين کان متاثر ٿيندڙ لکين پاڪستانين جو ڪيس وڙهندو ۽ دنيا کي باور ڪرائيندو ته پاڪستان جنهن جو ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي، مشڪل معاشڊي حالتن سان گڏوگڏ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم عالمي اڳواڻن خاص طور تي اسرندڙ ملن کي انهن جي موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ذميواري قبول ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي زور ڏيندو.