راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي) چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن (سي ايم سي) جي نائب چيئرمين جنرل زانگ يوشيا اعليٰ سطحي وفد سان گڏ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) جو دورو ڪيو. معزز مهمان آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.آءِ ايس پي آر موجب انهن ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائ??ائ?? سيڪيورٽي جي صورتحال، خطي ۾ استحڪام جي قدمن ۽ ٻطرفي دفاعي تع??ون کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. آرمي چيف جنرل عاصم منير پاڪستان ۽ چين جي پائيدار دوستاڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چ??و ??ه اهي لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ تع??ون جي بنياد تي ??ائ?? آهن. هن ان تاريخي حصيداري کي وقت جي هر امتحان ۾ ثابت قدم قرار ڏنو ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتري جي اميد ظاهر ڪئي. آرمي چيف چين جي قيادت جو ٿورو مڃيو ۽ چ??و ??ه عالمي ۽ علائ??ائ?? حالتن جي تبديلي با??جو?? پاڪستان سان مضبوطي سان بيٺل آهي. جنرل زانگ يوشيا پاڪستان سان پنهنجي اسٽريٽجڪ حصيداري لاءِ پاڪستان جي مستقل وابستگي کي ساراهيو. هن دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي پيشيوراڻي م??ار?? ۽ عزم جي واکاڻ ڪئي ۽ ان پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي جنرل زانگ ??و ??يا شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ پاڪستان جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي کيس پاڪستان آرمي جي هڪ چست جٿي طرفان گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.