اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان اسٽاڪ ايڪ??چي??ج جي سئو انڊيڪس جا هڪ لک پوائنٽس عبور ڪرڻ تي سڄي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسٽاڪ ايڪ??چي??ج جو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ لک پوائنٽس عبور ڪرڻ حڪومتي پاليسين تي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو، انتشاري ٽولي جي ويندي ئي مثبت رجحان واپس آيو، ملڪي استحڪام ۽ ترقي جا دشمن ملڪ کي ٻيهر ڊي ريل ڪرڻ جي ناڪام ڪوششون ڪري رهيا آهن، انهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان سنگ ميل کي عبور ڪرڻ تي حڪومتي معاشي ٽيم ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ مصروف عمل عملدارن کي خراج تحسين ڪندي چ??و ته مُون پنهنجي قوم سان وچن ڪيو هو ته ملڪي معاشي استحڪام ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندس. هن چ??و ته پاڪستان کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ اسان پنهنجي سياست جي قرباني ڏني، الله جي فضل ۽ ڪرم سان اسان جي قرباني ضايع نه وئي. وزيراعظم چ??و ته ملڪي استحڪام ۽ ترقي جا دشمن ملڪ کي ٻيهر ڊي ريل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چ??و ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي، وياج 15 سيڪڙو تي ۽ مٽاسٽا جو ناڻو رڪارڊ سطح تي پهچي ويا هئا، وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪ??و ته ملڪي ترقي جي لاءِ ائين ئي محنت ڪندا رهنداسين ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي دشمنن کي پنهنجي ڪڌ?? مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.