لاهور-31 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته سک ياترين لاءِ اسان جا دروازا هميشه کُليل آهن، سک برادري جي ويزائن جا مسئلا حل ڪيا ويا، سک ياترين لاءِ ??اڪستاني ويزا فيس نه هوندي، ايندڙ سال ڪرڪيٽ چيمپئن ٽرافي ۾ ڀارتين لاءِ اسپيشل ڪوٽا رکي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه آمريڪا مان آيل 44 رڪني سک ياترين جي وفد سان هتي اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد جي اڳواڻي ڊاڪٽر دلوير سنگهه پنون، سرجيت سنگهه هوٿي ۽ ٻ??ن ڪئي. وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪستان آيل سک برادريءَ کي مسئلن کي مُنهن ڏيڻو پوندو هو پر ڪجهه عرصي ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ سک برادري جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان اچڻ جي خواهشمند سک ياترين کي ويزا اِشو جو مسئلو هوندو هو، اسان سک برادري جي سهولت لاءِ ??يزائن کي آن لائن ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته آمريڪي، ڪئنيڊين ۽ يو ڪي پاسپورٽ رکندڙ سک برادري آن لائن فارم جمع ڪرائين ۽ 30 منٽن ۾ ويزا حاصل ڪن. آن لائن ويزا جي ڪا فيس ناهي، اها سهولت ڀارتي ڄاون آمريڪا، ڪئنيڊا ۽ برطانيه ۾ ترسيل سک برادري لاءِ ??ڻ آهي. هن چيو ته سک برادري لاءِ ??ڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي، اوهان سال ۾ 10 ڀيرا پاڪستان اچو هر ڀيري اوهان کي ڀليڪار چونداسين. آن لائن ويزا لاءِ صرف فارم ڀرڻو آهي، ويزا 30 منٽن ۾ اوهان جي هٿن ۾ هوندو. محسن نقوي چيو ته جهڙيءَ طرح مسلمانن لاءِ سعودي عرب مقدس آهي اهڙيءَ طرح سک برادري لاءِ ??اڪستان، جڏهن ته هتي سک برادري جي ٻين ماڳن کي پڻ کوليو ويندو، وزٽ لاءِ اجازت نامي جي ضرورت نه هوندي. هن واضح ڪيو ته حسن ابدال، ڪرتارپور، ننڪانه صاحب لاهور کان سواءِ ??ين ماڳن تي به وڃي سگهو ٿا. ان سلسلي ۾ جيڪي مسئلا آهن انهن کي حل ڪنداسين. تازن ڏينهن ۾ پاڪستان حڪومت 124 ملڪن لاءِ ??يزا فري ڪئي آهي. آمريڪا ۾ آيل سک ياترين جي وفد مهمان نوازي تي ??فاقي وزير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته فري آن لائن ويزا سروس سان تمام گهڻي سهولت ملي آهي. ان موقعي تي ??اليوارو صنعتڪار ڪاشف اشفاق ۽ ٻيا عملدار پڻ ان موقعي تي ??وجود هئا.