رياض – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف ضلعي پنجگور جي علائقي پروم ۾ ڊيم تي ڪم ڪندڙ اهلڪارن تي حملي جي سخت لفظن ۾ ??ذم?? ڪندي حملي ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪ??ي انهن کي سزا ڏيڻ ۽ زخمي ٿيندڙ ٻن ماڻهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? محمد شهباز شريف ضلعي پنجگور جي علائقي پروم ۾ ڊيم تي ڪم ڪندڙ اهلڪارن تي حملي جي شديد لفظن ۾ ??ذم?? ڪئي. هن حملي ۾ زخمي ٿيندڙ ٻن ماڻهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪ??ي انهن کي سزا ڏيڻ جي به هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ڊيم تي ڪم ڪندڙ اهلڪارن تي حملو ڪندڙ پاڪستان ۽ بلوچستان جي ترقي جا دشمن آهن، اهڙن شرپسند عنصرن جي پاڪستان ۾ ڪا به جڳهه نه آهي. هن چيو ته شرپسند عنصر پنهنجي ڪڌي ڪاررواين سان بلوچستان جي ترقي جي حڪومتي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم حملي ۾ مارجي ويل 5 ڄڻن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.