اسلام آباد-25 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ميا??وا??ي پوليس کي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پنجا?? پوليس جي بهادر جوانن 10 خوارجي دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو.جمعي ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وفاقي گهرو وزير ڊي پي او ميا??وا??ي اختر فاروق ۽ پوليس ٽيم کي شاباش ڏيندي چيو ته ميا??وا??ي پوليس جي ٽيم جرئت سان خوارجي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. پنجا?? پوليس جي ڪمانڊر آءِ جي عثمان انور ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته ميا??وا??ي پوليس جي ڪارنامي تي قوم کي فخر آهي. پنجا?? پوليس جي بهادر سپوتن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. 10 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ وارا پوليس اهلڪار قوم جا هيرو آهن.