اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جو وزيراعظم لي چيانگ پاڪستان جي دوري ۽ ايس سي او سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ پنهنجي وطن واپس روانو ٿي ويو. نور خان ايئربيس تي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال کيس الوداع ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير ??يو ته اميد آهي توهان جلد ٻ??هر پاڪستان ايندا، سي پيڪ پاڪ چين دوستي جو ديوار چين و??نگ?? سنگ ميل آهي. چين جي وزيراعظم لي چيانگ وفاقي وزير احسن اقبال کي سي پيڪ جي لاءِ خدمتن ت?? خراج تحسين پيش ڪيو. چيني وزيراعظم لي چيانگ ??يو ته آئون ٻ??هر پاڪستان ايندس، پاڪستان چين جو آئرن برادر آهي، آئون پاڪستان جي عوام ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي شاندار ميزباني تي ٿورا ادا ڪريان ٿو.