اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) ش??گه??ئي س??ڪا?? تنظيم جي ميمبرشپ سان پاڪستان جي معيشت کي عالمي معيشت سان مربوط ڪرڻ، سيڙپڪ??ري کي وڌائڻ ۽ واپار کي هٿي ڏيڻ جا موقعا دستياب ٿيندا، جنهن سان ملڪ جي مجموعي اقتصادي ترقي تي هاڪ??ري اثر پئجي سگهن ٿا. اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته ش??گه??ئي س??ڪا?? تنظيم جو ميمبر هجڻ ۽ ان جي اجلاسن جي ميزباني ڪرڻ پاڪستان جي معيشت تي ڪيترائي مثبت اثر وجهي سگهن ٿا.ايس سي او اهم علائقائي تنظيم آهي جنهن جي ميمبر ملڪن ۾ چين، روس، ڀارت ۽ مرڪزي ايشيائي رياستون شامل آ??ن، جيڪي عالمي معيشتن ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايس سي او جي پليٽ فارم تي توانائي جي شعبي م س??ڪا?? کي هٿي وٺائي سگهجي ٿي، جيئن ته گئس ۽ تيل جي معاهدا جن سان پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هنن چيو ته ايس سي او ذريعي پاڪستان کي علائقائي رابطي جي منصوبن ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ملي ٿو، جيئن ته روڊ، ريلويز ۽ بندرگاهن جي تعمير ج??ڙا منصوبا واپ??ري اچ وڃ کي آسان بڻائي سگهن ٿا ۽ علائقائي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو.