اشڪ آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف ع??ي زرداري 10 ۽ 11 آڪٽوبر تي اشڪ آباد دوري دوران ترڪمانستان جي قيادت سان ون آن ون ملاقاتون ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ترڪمانستان جي صدر سردار بردي م??مدوف ۽ ترڪمانستان جي قومي اڳواڻ ۽ ترڪمانستان جي پيپلز ڪائونسل جي چيئرمين ڪرنگولي بردي م??مدوف سان ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي اڳواڻن ملاقاتن دوران ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ ٻطرفا رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش ج?? اظهار ڪيو.
صدر ترڪمانستان جي قومي اڳواڻ ۽ ترڪمانستان جي صدر کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ مضبوط ۽ گهرا دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تاريخ ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن تي ٻڌل آهن. صدر آصف ع??ي زرداري عالمي فورم ”وقت ۽ تهذيبن جو گڏيل تعلق – امن ۽ ترقي جو بنياد“ ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪمانستان جي دوري تي آهي. فورم 11 آڪٽوبر تي م??دوم گلي فراگي جي پيدائش جي 300هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ڪيو ويو.