اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بزرگ شهرين کي پنهنجو تجربو ۽ دانشمندي نوجوان نسل کي منتقل ڪرڻ ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته بزرگ ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان بزرگ ماڻهن جي لاءِ نگهداشت ۽ سا??سن??ال جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجا??ُ ڪريون ٿا. صدر اهڙن خيالن جو اظهار بزرگ ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته بزرگ شهري نه رڳو اسان جي معاشري جو بنياد آهن پر اهي علم، حڪمت ۽ تجربي جو خزانو به آهن، اسان جو مذهب اسان کي پنهنجي والدين ۽ بزرگن سان محبت ۽ شفقت سان پيش اچڻ جو درس ڏي ٿو. صدر چيو ته اسان جا والدين ۽ بزرگ ٻارن جي پرورش ۾ وقت، محبت، توانائي ۽ وسيلن جي صورت ۾ بي پناهه قربانيون ڏين ٿا، اها اسان جي اخلاقي ۽ مذهبي ذ??يو??ري آهي ته اسان انهن سان عزت ۽ وقار سان پيش اچون ۽ پوڙهائپ ۾ انهن جو خيال رکون. صدر چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جو آئين رياست تي اها ذ??يو??ري لاڳو ڪري ٿو ته اها انهن سمورن شهرين جي لاءِ زندگي جون ضرورتون فراهم ڪري جيڪي ڪمزوري، بيماري يا بيروزگاري جي ڪري ??ست??ل يا عارضي طور تي پنهنجي روزي ڪمائڻ کان قاصر آهن. هن چيو ته پاڪستان بزرگ شهرين جي ڀلائي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، جيئن جيئن ماڻهن جي عمر وڌي ٿي اهي ٻين تي دارومدار ڪرڻ لڳن ٿا ۽ انهن کي خصوصي سا??سن??ال جي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي، ان لاءِ اسان جي بزرگن کي سستي طبي سهولتن تائين پهچ ڏيڻ لازمي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏوگڏ سول سوسائٽي کان مطالبو ڪريان ٿو ته اهي بهتر صحت جي سهولتن کي ترجيح ڏين، سماجي تحفظ بهتر بڻائين، بزرگن جي حقن جو تحفظ ڪن ۽ انهن کي هڪ دوستاڻو ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪن. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اچو پاڪستان کي وڌيڪ جامع ۽ بزرگ دوست ملڪ بڻائڻ جي ڪوشش ڪريون.