نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ??هي، وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي لاءِ ترڪيه جي مضبوط ۽ مستقل حمايت کي ساراهيو، وزيراعظم ۽ ترڪ صدر علائقائي ۽ عالمي مع??ملن خاص طور تي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ سنگين انساني صورتحال تي ??ڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ترڪ صدر سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ??لاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن مع??ملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل طور تي ??فيد تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هن ويجهي مستقبل ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ پاڪستان – ترڪيه اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ستين اجلاس جي تيارين جو جائزو پڻ ورتو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي مع??ملن خاص طور تي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ سنگين انساني صورتحال تي ??ڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن غزه ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگبندي ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي جو مطالبو ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي لاءِ ترڪيه جي مضبوط ۽ مستقل حمايت کي ساراهيو. ملاقات دوران صدر اردوان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مع??شي پاليسين کي ساراهيو ??ن سان پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام آيو ??هي. ترڪ صدر وزيراعظم جي قيادت ۽ اقتصادي سڌارن جي عزم کي ساراهيو. وڌيڪ اهو ته صدر رجب طيب اردوان وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سالگرهه جي مبارڪباد پڻ ڏني.