اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان لبنان جي خلاف اسرائيل جي جا??حي?? جي سخت مذمت ڪندي چ??و آهي ته جمهوريه لبنان جي خلاف جا??حي?? جو اهو عمل گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته اهو هڪ خطرناڪ اضافو آهي جنهن اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ خطري ۾ وجهي ڇڏ??و آهي. هن چيو ته پاڪستان لبنان جي خلاف اسرائيل جي تازه ترين فوجي جا??حي?? جي شديد ترين لفظن ?? مذمت ڪري ٿو جنهن ۾ سوين شهرين جو قتل عام ٿيو. ترجمان چيو ته پاڪستان لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ لبنان جي عوام سان يڪجهتي ۽ امن ۽ سلامتي سان رهڻ جي حق جي لاءِ بيٺل آهي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيل کي خطي ۾ ان جي خطرناڪ مهم جوئي ۽ جا??حي?? ۽ نسل ڪشيءَ جي ڪاررواين جو گهيراءُ ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي.