اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي ??فيس ڪالهه سومر ڏينهن ڪ??نسٽي ٽيوشن ايونيو ۾ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ واڪ منعقد ڪئي جنهن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ هو. پرڏيهي ??يڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي جي قيادت ۾ پرڏيهي ??فيس جي عملدارن ڪ??ميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ واڪ ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. واڪ جي شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو ۽ پاڪستان انهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪري ٿو جيئن گڏيل قومن جي چارٽر ۾ لکيل آهي ۽ جنهن جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي لاڳاپيل قراردادن ۾ ??ما??ت پڻ ڏني وئي آهي. ٻئي طرف پرڏيهي ??فيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي اچو اسان امن ۽ انصاف جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون، اسان سڀ گڏجي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن جي حقن ۽ پراڻي تڪرار جي پرامن حل جي وڪالت ڪريون ٿ??.