اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ چيو آهي ته تاز?? بدترين ٻوڏ، مالياتي ۽ ٻاهرين ادائيگين ۾ توازن لاءِ س??ت گير پاليسين سبب مالي سال 2023ع ۾ پاڪستان جي معيشت جي واڌ جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ ايشين ڊولپمينٽ آئوٽ لڪ 2022ع جي نالي سان شايع ٿيل رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2020ع ۾ 6 سيڪڙو واڌ جي باوجود هاڻوڪ?? بدترين ٻوڏ، مالياتي ۽ ٻاهرين ادائيگين ۾ توازن لاءِ س??ت گير پاليسين سبب مالي سال 2023ع ۾ پاڪستان جي معيشت جي واڌ جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين رهندي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ??الي سال 2022ع ۾ مقامي گهرج ۾ اضافو، زراعت، خدمتن ۽ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ نمايان واڌ سبب جي ڊي پي ۾ 6 سيڪڙو اضافو مم??ن ٿيو تنهن هوندي به 2023ع ۾ ماحولياتي رڪاوٽن، ڊبل ڊيجٽ ناڻي واڌ ۽ سخت مالي ۽ مالياتي پاليسي سبب پاڪستان ۾ جي ڊي پي جي واڌ جي اڳڪٿي کي گهٽ رکيو ويو آهي، پاڪستان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ينگ يي ٻڌايو ته تاز?? بد ترين ٻوڏ پاڪستان جي معاشي منظرنامي لاءِ وڏا خطرناڪ خدشا پيدا ڪيا آهن، هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته ??وڏ کانپوءِ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي سرگرمين لاءِ چڱي خاصي عالمي مدد حاصل ٿيندي جنهن سان واڌ ۾ اضافي کانسواءِ سماجي ترقي ۽ معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2022ع ۾ گهرج ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو جنهن سان روزگار ۽ ماڻهن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سال 2022ع ۾ زراعت جي شعبي ۾ 4.4 سيڪڙو جي واڌ ٿي تنهن هوندي به ٻوڏ سبب ايندڙ سال ۾ ان شعبي ۾ وڏي واڌ جي اميد آهي. رپورٽ ۾ ناڻي واڌ جو دٻاءُ ۽ ان جي شرح 18 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.