اسلام آباد – 24 جولاءِ (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان ۾ مڪمل امن امان کي يقيني بڻائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي حڪومت جي اولين ??رج??ح آهي، گوادر جي تعمير ۽ ترقي جو منصوبو نه رڳو بلوچستان پر پوري علائقي جي لاءِ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو، گوادر ?? س?? پيڪ جي منصوبن مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ جي لاءِ ضروري آهي ته بلوچستان ۾ انفرااسٽرڪچر جي قيام تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڊولپمينٽ ڪائونسل (قومي ترقياتي ڪائونسل) جي ٻي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.