اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ ۽ ??عم??رات جي شعبي جي ترقي لاءِ مراعتن ۽ سهولتن جو اعلان ڪندي نئين پاڪستان هائوسنگ پراجيڪٽ لاءِ 30 ارب روپين جي سبسڊي مختص ڪري ڇڏي آهي، پهرين هڪ لک گهرن جي ??عم??ر تي في گهر 3 لک روپيا سبسڊي ڏني ويندي، قرض جي صورت ۾ مارڪ اپ جي شرح پنج مرلي جي گهر جي لاءِ 5 سيڪڙو ۽ 10 مرلي جي گهرن جي لاءِ 7 سيڪڙو هوندي، ??ين او سي ۽ ٻين سهولتن جي لاءِ صوبن سان گڏجي ون ونڊو آپريشن جو آغاز ڪيو ويو آهي، ??ستن گهرن جي ??عم??ر تي ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، گهر جي خريداري تي آمدني جا ذريعا نه پڇيا ويندا، سمو??ا ماڻهو 31 ڊسمبر تائين حاصل سهولتن مان هر ممڪن فائدو کڻن، هائوسنگ ۽ ??عم??رات جي شعبي کي تر??ي ڏيڻ سان ملڪي معيشت کي استحڪام ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ??عم??رات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي پهرين اجلاس کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ هائوسنگ ۽ ??عم??رات جي شعبي جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون ۽ مشڪلاتون هيون جنهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قومي رابطا ڪميٽي جوڙي وئي. هن چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ مختلف رخن ۾ ڪم ڪيو پيو وڃي، گهرن جي لاءِ قرضن جي سهولت بابت قانون نه هو جنهن تي ڪم جاري آهي، ??وبن سان گڏجي ??عم??رات جي صف بابت رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، هن چيو ته هائوسنگ ۽ تعمرات جي شعبي جي ترقي سان جتي عام ماڻهن کي پنهنجو گهر بڻائڻ جي سهولت حاصل ٿيندي، ??تي روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا ۽ ??عم??راتي صنعتن جو ڦيٿو هلڻ سان ملڪي معيشت کي به استحڪام ملندو.