اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ??اڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته رمضان المبارڪ ۾ احتيا??ي تدبيرن سان مسجدون ??ليل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، حڪومت ۽ عالم سڳورن جي وچ ۾ متفقه پڌرنامي جي خلاف ورزي ٿي ته ڪارروائي ٿيندي، ايندڙ جمعته المبارڪ کي توبهه جي ڏهاڙي ۽ رحمت جي ڏهاري طور ملهايو ويندو، مدرسن جي ٻارن جي لاءِ به گ??ر ويٺي تعليم جو پروگرام آندو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزير پير نورالحق قادري سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.