اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي دنيا جي عيسائين خاص طور تي پاڪستاني عيسائي برادري کي ايسٽر جي مبارڪباد ڏيندي چ??و آهي ته عيسائي ۽ ٻيون اقليتون پاڪستان جون برابر شهري آهن ۽ پاڪستان جو آئين انهن جي حقن کي مڪمل تحفظ ڏنو آهي. ايسٽر تي مسيحي برادري جي ن??لي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته ايسٽر جو اصل ??يغام پيار ۽ خوشي جو آهي.