اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چي?? آهي ته پارلياماني ڪميٽي ڪرونا وائرس جي وبا بابت مانيٽرنگ ۽ نگراني جو ڪم ڪندي، حڪومت پارلياماني ڪميٽي جي سفارشن تي عملدرآم?? ڪرڻ کي ورجاي?? آهي. ڪرونا وائرس جي وبا جي معاملي تي قائم ڪيل پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اين ڊي ايم اي ۽ صحت کاتي پارلياماني ڪميٽي کي مڪمل بريف ڪي?? آهي، مخالف ڌر ۽ حڪومت سموريون تجويزون ڏئي ڇڏيون آهن جيڪي خوش آئنده آهن، خميس تي ايندڙ اجلاس ۾ لاڪ ڊائون جي صورتحال تي غور ٿيندو، لاڪ ڊائون جي وڌيڪ ??ڌڻ جي صورت ۾ اڳتي جي حڪمت عملي طئي ڪنداسين، ملڪي معيشت تي پوندڙ اثرن جو پڻ جائزو ورتو ويندو.