اسلام آباد ?? 08 ??ارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ملڪ جي عورتن کي خراج تحسين پيش ڪيو جيڪي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ مختلف شعبن ۾ ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ پيغام ۾ پرڏيهي وزير چي?? ته ان ڏينهن کي ملهائيندي اسان کي عورتن جي لاءِ هر شعبي ۾ برابر موقعن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي عزم کي ورجائڻو پوندو.