ڪويت سٽي – 06 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز ش??يف چيو آهي ته ايندڙ چونڊون ڪير کٽيندو ان جي خبر الله کي آهي، اسان دهشتگردي جي خاتمي طرف وڌي رهيا آهيون، هاڻي جڏهن به دهشتگردي سر کڻڻ جي ڪوشش ??ري ٿي ته ان کي ڪچليو وڃي ٿو. پاڪستاني برادري کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي طرف وڌي رهيو آهي، جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته بجلي، دهشتگردي ۽ معيشت جهڙا چئلينجز درپيش هئا، هن چيو ت 26 سال اڳ ڪويت آيو هئس ۽ اسان ڀرپور طريقي سان ڪويت جو ساٿ ڏنو هو ۽ الله تعاليٰ اسان جي فيصلي کي سرخرو ڪيو ۽ ڪويت آزاد ٿي ويو. هن چيو ته آئو?? مرحوم ڪويتي امير سان ملڻ طائف ??يس.