اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جوزف عون کي لبنان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. ايڪس تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم لبن??ن کي امن، استحڪام ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ جوزف عون جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان لبنان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي ??هم??ت ڏي ٿو ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻ??ئڻ جو خواهشمند آهي.