اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن جي ف??رس??ن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اها مٽاسٽا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن تي حملا نه ڪرڻ واري معاهدي تحت ٿي. 31 ڊسمبر 1988ع تي ٿيندڙ معاهدي موجب ٻئي ملڪ هر ڪيلينڊر سال جي پهرين جنوري تي پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن بابت هڪ ٻئي کي آگاهه ڪندا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهي مناسبت سان پاڪستان ۾ ائٽمي ٺڪاڻن جي ف??رس?? باضابطا طور تي پرڏيهي و??ارت ۾ اس??ام آباد ۾ ڀ??رت?? هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي و??ي. ان سان گڏ ئي ڀ??رت?? پرڏيهي و??ارت ڀارت جي ائٽمي ٺڪاڻن جي ف??رس?? نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪري ڇڏي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ 27 جنوري 1991ع تي ائٽمي ٺڪاڻن تي حملا نه ڪرڻ واري معاهدي تي عملدرآمد کانپوءِ ٻئي ملڪ پهرين جنوري 1992ع کان ف??رس??ن جي مٽاسٽا ڪري رهيا آهن.