رياض – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي ولي عهد شهزاده محم?? بن سلمان سان ملاقات ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ?? ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته ون واٽر سمٽ جي موقعي تي پنهنجي ڀاءُ ولي عهد شهزاده محم?? بن سلمان سان ملاقات خوشي ۽ اعزاز هو. اسان پنهنجي مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري ?? پنهنجي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته لاڳيتو اعليٰ سطحي مٽا??ٽا اسان جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڀائتي اقتصادي تعاون جي راهه هموار ڪري رهي آهي. پنهنجي عو??م جي مفاد ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ انهن جي ذاتي دلچسپي ۽ حمايت جي لاءِ ٿورائتو آهيان.