قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي، ڀائراڻا ۽ گهڻ رخا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن کي ملڪي سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن خاص طور تي آءِ ٽي، زراعت ۽ گرين ٽيڪنالاجي جي نئين شعبن ۾ اقتصادي تعاون وڌائڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهبا?? شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان قاهره ۾ 11هين ڊي – 8 سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي، ڀائراڻا ۽ گهڻ رخا لاڳاپا آهن. هن صدر اردوا?? جي قيادت ۾ ترڪيه جي مثالي ت??قي کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهبا?? شريف ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي ملڪي سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن خاص طور تي آءِ ٽي، زراعت ۽ گرين ٽيڪنالاجي جي نئين شعبن ۾ اقتصادي تعاون وڌائڻ گهرجي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ترڪيه ۽ پاڪستا?? جي وچ ۾ 5 بلين آمريڪي ڊالر جي ٻطرفي واپاري هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اقتصادي لاڳاپ?? جي وڌيڪ فروغ تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي، واپاري ۽ دفاعي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن قومي مفاد جي بنيادي مسئلن تي هڪ ٻئي جي حماي?? جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ ترڪيه جي حمايت ۽ قبرص جي مسئلي تي ترڪيه جي موقف جي لاءِ پاڪستا?? جي حمايت شامل آهي. معصوم فلسطيني?? جي خلاف اسرائيلي نسل ڪشيءَ جي قدمن خاص طور تي 7 آڪٽوبر 2023ع کان بگڙجندڙ صورتحال جي مذمت ڪندي ٻنهي اڳواڻن فلسطيني عوام جي لاءِ پنهنجي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن وچ اوڀر ۽ شام جي تازه ترين صورتحال تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. صدر اردوان چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا قديم ثقافتي ۽ مذهبي قدرن تي ٻڌل آهن ۽ ترڪيه جي عوام پاڪستا?? جي لاءِ پنهنجي دلين ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿي. هن ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر اردوان علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر اردوان وزيراعظم محمد شهبا?? شريف جي قيادت ۾ پاڪستا?? جي معيشت ۾ نمايان بهتري کي ساراهيو. هن فلسطين ۽ لبنا?? جي لاءِ خاطرخواهه انساني امداد موڪلڻ تي پاڪستان کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم محمد شهبا?? شريف صدر اردوان کي اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي ستين اجلاس جي گڏيل صدار?? جي لاءِ جلد کان جلد پاڪستا?? جي دوري جي دعو?? جي تجديد ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.