اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري وفا??ي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو سان ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت جي ??ار?? پڌرائيءَ موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن و?? ۾ واپاري ۽ اقتصادي ناتن کي وڌائڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن و?? ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ اسٽريٽجڪ ناتن کي هٿي ڏيڻ ۽ حقي??ي واپاري صلاحيتن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. ملاقات ۾ وفا??ي وزير مئي 2023ع ۾ ”ٽريڊ ان گڊز ايگريمينٽ“ کي عملي جامو پهرائڻ تي روشني وڌي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪ شين تي اوڳاڙين ۾ رعايت ڏني وئي هئي. سفير تجويز پيش ڪئي ته پاڪستان جنوري 2025ع ۾ ترڪيه ڏانهن هڪ وفد موڪلي ته جيئن اسلام آباد ۾ طئي ٿيل اعليٰ سطحي رياستي اجلاس ک??ن اڳ عمل جوڳن منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي، جنهن کي واپار واري وزير ساراهيو. ڄام ڪمال خان نجي شعبي کي بااختيار بن??ئڻ لاءِ ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڀريو. هن و??يڪ چيو ته بزنس ٽو بزنس مصروفيتن لاءِ ميچ ميڪنگ قدم اقتصادي تعاون کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. ٻنهي ڌُرين گڏيل رٿائن جا موقعا تلاش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سفير ۽ وفا??ي وزير حڪومت کان حڪومت (جي 2 جي) ۽ ڪاروبار کان ڪاروبار (بي 2 بي) مصروفيتن جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ڌُرين پاڪ- ترڪيه ناتن جي مستقبل بابت اميد جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي گڏيل اقتصادي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جو عهد ڪيو.