اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن تي انصاف، آزادي ۽ وقار حاصل ڪرڻ جي ??اءِ فلسطيني عوام جي ??اءِ پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل فلسطين جي ??ڪ آزاد رياست، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف ه??ي، جي ??يام جي ??اءِ پنهنجي ??ضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان لبنان ۾ ج??گبندي جي تازي معاهدي جي آجيان ڪري ٿو ۽ سمورين ڌرين کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??رارداد 1701 کي مڪمل طور تي برقرار رکڻ ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسان لبنان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ استحڪام جي حمايت ڪريون ٿا. هن متاثر ماڻهن جي ??اءِ انساني ??مد??د جي ??وري ضرورت، بي گهر ماڻهن جي ??حفوظ واپسي ۽ تڪرارن کان متاثر علائقن جي ??ئين سر تعمير ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ترجمان چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اها جنگبندي ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ خطي ۾ وسيع تر تڪرار کي روڪڻ جي ??اءِ هڪ اهم قدم آهي. پاڪستان کي اميد آهي ته جنگبندي جو معاهدو غزه جي ??ٽيءَ ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، غزه ۾ نسل ڪشيءَ جو خاتمو ۽ فلسطيني عوام جي ??اءِ انساني ??مد??د جو مرحلو طئي ڪندو.