اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمو?? ۽ ??شمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان هلندڙ هفتي ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا ??هي??ن، اهڙي ۾ اسان ڪشميري ٻارن جي خراب حالت کي نه وسارينداسين جيڪي ڀارت جي ??ير??انوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ جاري ظ??من جي نتيجي ۾ خوف ۽ هراس جي م??حو?? ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته هڪ اهڙي علائقي ۾ رهندي جتي لکن جي انگ ۾ فوجي دستا مقرر هجن، ڪشميري ٻارن کي درپيش صدما تمام گهڻا آهن، جيڪي انهن جي نفسياتي ۽ ذهني صحت تي اڻمٽ نشان ڇڏي رهيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت جي ??ير??انوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ ڀارتي ڪاررواين جي نتيجي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ٻار يتيم ٿي چڪا آهن، انهن جي خراب حالت عالمي ڌيان جي مستحق آهي. هن چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڪشميري ٻارن جي حقن جي لاءِ آواز اٿاري ۽ انهن جي مصيبتن جي خاتمي جو مطالبو ڪري.