اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بابا گرونانڪ جي جنم ڏينهن ج?? موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ره??دڙ سک برادري کي مبارڪون ڏنيون آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري ب??ان ۾ اسپيڪر چيو ته بابا گرونانڪ انسانيت سان محبت، امن، ڀائيچاري ۽ برابري جو درس ڏنو، هو مذهبي رواداري، بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن جي حمايت ڪ??دڙ هو. سردار اياز صادق چيو ته بابا گرو نانڪ جي جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ سڄي دنيا مان آيل سک ياترين کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چئون ٿ??. پاڪستان جو آئين اقليتن کي پنهنجي عقيد?? موجب زندگي گذارڻ ۽ مذهبي رسمون ملهائڻ جي مڪمل آزادي ڏي ٿو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۾ ره??دڙ سمورين اقليتن کي برابر حق حاصل آهن. سک برادري سان تعلق رک??دڙ پاڪستانين ج?? ملڪي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪردار ساراهه جوڳو آهي.