اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته وزيراعظم جي وسيع سوچ موجب اسلام آباد کي آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ علائقائي جدت جو مرڪز بڻايو پيو وڃي، اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ ۾ جديد سهولتن جي فراهمي ذريعي آءِ ٽي ڪمپنيون ۽ اسٽارٽ اپس کي ??ني ۽ انتظامي مدد فراهم ڪئي ويندي. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن هتي اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ منصوبي جي اڳڀرائي جي جائزي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير شزه فاطمه خواجه، رٿابندي واري وزارت ۽ آءِ ٽي جا سينئر عملدار ۽ ڏکڻ ڪوريا جي سفير سميت ڪورين سفارتخاني جا ٻيا آفيسر به شريڪ هئا.پروفيسر احسن اقبال اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي ويزن تي زور ڀريو، جنهن جو مقصد اسلام آباد کي آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ علائقائي جدت جو مرڪز بڻائڻ آهي. هن پاڪستان ۾ پائيدار ڊجيٽل معيشت جو بنياد رکڻ ۽ منصوبي جي وقت سر تڪميل لاءِ جامع ۽ مربوط ترقياتي حڪم عملي اختيار ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ 66893 چ??رس ميٽر ايراضي تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ٻه تهه خانه ، هڪ گرائونڊ فلور ۽ 9 اضافي منزلون آهن. اهو منصوبو ڪوريا جي اقتصادي ترقياتي مدد جي فنڊ ۽ پاڪستان جي سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام وچ ۾ مالي تعاون سان تيار ڪيو پيو وڃي. ان 88.384 ملين ڊالرن جي لاڳت سان منصوبي ۾ 76.310 ملين ڊالرن جو قرض ڪورين ايگزم بئنڪ فراهم ڪري رهي آهي جڏهن ته باقي 12.476 ملين ڊالر پاڪستان حڪومت طرفان فراهم ڪيا ويا آهن. اجلاس کي ??ڌايو ويو ته اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ ۾ جديد سهولتن جي فراهمي ذريعي آءِ ٽي ڪمپنين ۽ اسٽارٽ اپس کي ??ني ۽ انتظامي مدد فراهم ڪئي ويندي، جيڪا پاڪستان کي عالمي آءِ ٽي صنعت ۾ مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻائيندي. پارڪ ۾ 120 آفيس اسپيسز، ??سٽارٽ اپس لاءِ 15 آفيسن تي ٻڌل انڪيوبيشن سينٽر، بزنس سپورٽ سينٽر، صنعت – اڪيڊمي رابطا مرڪز، ??جلي جي بنا رنڊڪ فراهمي، ٽائر III ڊيٽا سينٽر، R&D آءِ ٽي ليبز، ??ڊيٽوريم ۽ ورچوئل ڪلاس رومز شامل آهن جيڪي تحقيق ۽ تربيت کي ??ٿي ڏيڻ ۾ مددگار ٿيندا. پاڪستان ۾ ڏکڻ ڪوريا جي سفير پارڪ ڪي جون پاڪستان سان ان تاريخي منصوبي تي ويجهي تعاون لاءِ ڪوريا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ آءِ ٽي منصوعات جي روانگي واپار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ حصيداري کي ??ٿي ڏيڻ تي ڪوريا جي دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير ٽيڪسلا ۾ گنڌارا آءِ ٽي يونيورسٽي جي قيام جي تجويز ڏني، جنهن جو مقصد تعليم ۽ جدت کي ??ڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ان منصوبي تحت يونيورسٽي لاءِ زمين فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ڪوريا جي هڪ اعليٰ تعليمي اداري کي ??اڪستان ۾ موجودگي قائم جي آجيان ڪري ٿي. اهو قدم گنڌارا جي قديم ورثي کي ??حفوظ رکندي ٽيڪسلا کي ??ڪ جديد تعليمي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش آهي، جيڪا خطي ۾ تعليمي فضيلت جي هڪ نئين دور جو آغاز ثابت ٿيندي.